ڊي جي سنڌ ڪاليج سنڌي سوشل سرڪل

ڊي. جي. سنڌ ڪاليج سنڌي سوشل سرڪل: سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن ۾ هن ڪاليج ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن، ادبي لکڻين جي چٽاڀيٽيءَ، تقريري مقابلن ۽ سماجي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ’ڊي. جي. سنڌ ڪاليج سنڌي سوشل ورڪ‘ نالي هڪ تنظيم قائم ڪئي. 68- 1967ع ڌاري هن تنظيم جا عهديدار پريم جگيشيا، عبدالحسين سرائي، اقبال ميمڻ، فهميده ميمڻ ۽ ٻيا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو